راحت ٻائي

راحت ٻائي: راحت ٻائي، نيڪ سيرت، عابده، زاهده ۽ مهمان نواز ۽ بزرگ عورت هئي. هن 1905ع ڌاري ڳوٺ وهري تعلقي عمرڪوٽ ۾ مشهور بزرگ ميان جان محمد ڪيريي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد ميان جان محمد ناليوارو بزرگ هو، جنهن جي درگاهه ڳوٺ وهري شريف ۾ آهي، مٿس هر سال ميلو لڳندو آهي. سندس وڏن ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ وهري ۾ اچي مدرسو قائم ڪيو هو. راحت ٻائي والد جي وفات بعد مدرسي ۽ والد جي درگاهه جو انتظام سنڀاليو. هوءَ انتهائي پرهيزگار ۽ سخي دل نيڪ خاتون هئي. سڄي زندگي شادي نه ڪيائين ۽ درگاهه ۽ مدرسي جي خدمت ڪندي رهي. مذهبي عقيدي موجب پاڻ نقشبندي طريقي سان وابسته هئي. پنهنجي مريدن وٽ پنهنجي نالي راحت بدران ’ٻائي صاحبه‘ جي نالي سان مشهور ٿي. مدرسي ۽ درگاهه تي هلندڙ لنگر جو خرچ پاڻ ڪندي هئي. سندس مدرسي ۾ پري وارن علائقن جا ڪيترا شاگرد علم حاصل ڪندا هئا، جن جي سار سنڀال سندس ذمي هئي. مائي راحت پنهنجي والد جي درگاهه تي هر سال چيٽ جي مهيني ۾ ميلو لڳائيندي هئي. هن بزرگ عورت 27 مئي 1979ع تي وفات ڪئي، کيس درگاهه ميان جان محمد وهري، تعلقي عمرڪوٽ ۾ دفنايو ويو.


لفظ راحت ٻائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.05.27  عيسوي

هن بزرگ عورت 27 مئي 1979ع تي وفات ڪئي، کيس درگاهه ميان جان محمد وهري، تعلقي عمرڪوٽ ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمال الدين جوڳي
عبداللطيف عرشي
چغتائي خان
ٽيجارام سنت
پليجو غلام قادر
ٿانور ڀٽي
رتن ملڪ
الياس
شمشير خان اوزبڪ
شيخ محمد اسلم 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون